استاد جمالو خان

استاد جمالو خان: جمالو خان'>استاد جمالو خان، استاد احمد خان جو پٽ ۽ استاد گامڻ خان جو ڀائٽيو هو. سندس ولادت سنڌ ۾ اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ مرحلا هتي ئي گذاريا پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي هن به درپڌ گائڪيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيو ۽ هن گهڻو ڪري پير بخش خان سان گڏ ڳايو. جمالو خان راڳ ميگهه ڏاڍي شوق ۽ سوز سان ڳائيندو هو. خيال جي گائڪيءَ ۾ به کيس سٺي دسترس حاصل هئي. سندس آواز ۾ هڪ قسم جو خاص درد سمايل هو. جنهن سبب عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  عيسوي

استاد جمالو خان: استاد جمالو خان ، استاد احمد خان جو پٽ ۽ استاد گامڻ خان جو ڀائٽيو هو . سندس ولادت سنڌ ۾ اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي هئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد علي سرائي
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
عابده سلطان شهزادي
ڀُوپت
پراتڀا ديوِي سنگهه
حبيب ميربحر
سيد محمد شاهه سعيد ٽکڙائي
راڻو وساڻ
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون